امام بخش شر

امام بخش شَرُ: امام بخش شَرُ، شهر ”ٻوٻي“ تعلقي سنجهوري جي اڀرندي طرف هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. سندس ولادت ۽ وفات جي تاريخ وغيره معلوم ٿي نه سگهي آهي. ڏاڍو رحمدل ۽ خوش مزاج شخص هو. هي پنهنجي وقت جو وڏو سگهڙ ٿي گذريو آهي. ڪيترائي ڪلام چيا اٿس، جنهن ۾ ڏور، ڳجهارتون ۽ خاص ڪري هنر جا بيت تمام مشهور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو